اسلام آباد -16 ??يپٽمبر (اي پي پي) ترڪمانستان، چين پا??ستان اقتصادي راهداري (سي پيڪ) تحت گوادر بندرگاهه تائين رسائي حاصل ڪندڙ پهريون وچ ايشيائي ملڪ هو??دو. اختيارين مطابق گوادر بندرگاهه سي پيڪ جي مرڪز ۾ واقع آهي، جيڪو چين جي بيلٽ اينڊ روڊ قدم جو هڪ حصو آهي جنهن تحت بيجنگ پا??ستان ۾ انفراسٽرڪچر ۽ توانائي جي منصوبن ۾ 60 بلين ڊالرز کان وڌيڪ جي سيڙپڪاري جو وعدو ڪيو آهي. ان جو مقصد پا??ستان ۾ روڊن، ريلوي، پائيپ لائينن ۽ بندرگاهن جي نيٽ ورڪ ذريعي چين کي عربي سمنڊ سا?? ڳنڍڻ ۽ اسلام آباد کي پنهنجي معيشت کي هٿي ڏيڻ ۽ جديد بڻائڻ ۾ مدد ڪرڻ آهي. ريڊيو پا??ستان رپورٽ ۾ چيو آهي، ته پا??ستان ۽ ترڪمانستان جلد ئي ان سلسلي ۾ هڪ معاهدي تي صحيحيون ڪندا. رپورٽ ۾ چيو ويو ته حڪومت سي پيڪ تحت گوادر پورٽ ۽ ترڪمان باشي پورٽ وچ ۾ معاهدي جي مسودي جو جائزو وٺڻ لاءِ هڪ ڪميٽي جوڙي آهي. پا??ستان ۽ ترڪمانستان پهرين ئي مختلف گڏيل منصوبن تي ڪم ڪري رهيا آهن، جن ۾ ترڪمانستان- افغانستان- پا??ستان- ڀارت (تاپي) گئس پائيپ لائين، ريلوي ٽريڪ ۽ فائيبر ڪنيڪٽوٽي شامل آهن، ته جيئن ڏکڻ ۽ وچ ايشيا کي ملائي سگهجي. پا??ستان پنهنجي اسٽريٽجڪ جيو پول??ٽي??ل پوزيشن مان فائدو کڻڻ ۽ وچ ايشيائي ملڪن کي باقي دنيا سا?? ڳنڍيندڙ هڪ اهم واپاري ۽ ٽرانزٽ حب طور پنهنجي ڪردار کي وڌائڻ جي اميد رکي ٿو.