اسلام آباد-20 آڪٽوبر (اي پي پي) سينيٽ 26 هين آئ??ني ترميم ٻه ڀاڱي ٽي اڪثريت سان منظور ڪري ورتي. ڪالهه آچر ڏينهن سينيٽ اجلاس ۾ قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ 26 هين آئ??ني ترميم جو بل ايوان ۾ پيش ڪرڻ جي رٿ پيش ڪئي. رٿ جي منظوري کانپوءِ 26 هين آئ??ني ترميم جو بل منظوري لاءِ ايوان ۾ پيش ڪرڻ جي اج??زت گهري وئي. سينيٽ ??يئ??مين رٿ تي ووٽنگ دوران ان جي حامي ۽ مخالف ميمبرن کي بيهاري انهن جي ڳڻپ ڪرائي. ووٽنگ کان اڳ سموريون گئلريون خالي ڪرايون ويون جڏهن ته هال جا د??وازا بند ڪيا ويا. ڳڻپ دوران ترميم جي رٿ جي حمايت ۾ 65 ووٽ جڏهن ته مخالفت ۾ 4 ووٽ پيا. پي ٽي آءِ جا اڪثر ميمبر ايوان ۾ موجود نه هئا. ان کانپوءِ پي ٽي آءِ جا چارئي ميمبر ڳڻپ کان پوءِ ايوان مان هليا ويا ۽ قانونسازي ۾ حصو نه ورتو. رٿ جي منظوري کانپوءِ سينيٽ ??يئ??مين سيد يوسف رضا گيلاني 26 هين آئ??ني ترميم شق وار منظوري لاءِ ايوان ۾ پيش ڪئي جنهن جي ايوان متفقه طور تي منظوري ڏني. جي يو آءِ (ف) جي سينيٽر ڪامران مرتضيٰ ترميمون ايوان ۾ پيش ڪيون جنهن جي وفاقي وزير اعظم نذير تارڙ حمايت ڪئي جنهن تي ايوان انهن ترميمن کي منظور ڪري ورتو. آئ??ني ترميم جي شق وار منظوري دوران ڪنهن به ميمبر قانونسازي جي مخالفت نه ڪئي. ان کانپوءِ سينيٽ ??يئ??مين بل جي شق واري منظوري کانپوءِ بل منظوري لاءِ ايوان ۾ پيش ڪيو. بل تي ووٽنگ کان اڳ هال جا د??وازا بند ڪيا ويا، سينيٽ ??يئ??مين ٻه منٽ گهنٽيون وڄائڻ جي هدايت ڪئي، جنهن کانپوءِ هال جا د??وازا بند ڪيا ويا. سينيٽ ??يئ??مين آئ??ني ترميم جي حامي ميمبرن کي ساڄي لابي ۽ مخالف ميمبرن کي کاٻي لابي ۾ وڃڻ ۽ رجسٽر تي پنهنجو ووٽ داخل ڪرائڻ جي هدايت ڪئي. ان کانپوءِ سينيٽ ??يئ??مين ڳڻپ ڪرائڻ جي هدايت ڪئي. ترميم جي حمايت ۾ 65 ۽ مخالفت ۾ 4 ووٽ پيا، اهڙي طرح ايوان 26 هين آئ??ني ترميم ٻه ڀاڱي ٽي اڪثريت سان منظور ڪري ورتي.