اسلام آ??اد – 25 – آڪٽوبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ليسوٿو ج?? وزيراعظم سام ميٽيڪني سان ساموا جي شهر اپيا ۾ دولت مشترڪه جي حڪومتي سربراهن جي اجلاس جي موقعي تي ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب ٻنهي ا??واڻن پاڪستان ۽ ليسوٿو ج?? وچ ۾ گڏيل قدرن، گڏيل اعتماد ۽ عالمي فورمز تي تعاون تي ٻڌل دوستاڻي لاڳاپن تي اطمينان جو اظهار ڪ??و. هن ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ۽ واپار، سيڙپڪاري، ثقافت ۽ عوام سان عوام جي رابطن جي شعبن ۾ وسيع تعاون جي عزم جو اظهار ڪ??و.