باڪو – 13 – نومبر (اي پي پي) گڏيل قومن جي ترقياتي پروگرام (يو اين ڊي پي) جي ايڊمنسٽر??ٽر اچيم اسٽينر آذربائيجان جي شهر باڪو ۾ ڪوپ 29 جي موقعي تي نائب وزيراعظم ۽ پر??يه?? وزير سين??ٽر محمد اسحاق ڊار سان ملاقات ڪئي. پر??يه?? آفيس موجب نائب وزيراعظم ۽ يو اين ڊي پي جي ايڊمنسٽر??ٽر پاڪستان ۽ يو اين ڊي پي جي وچ ۾ موسمياتي تبديلي جي موافقت، ٻوڏ کان متاثر ڪميونٽيز جي لاءِ امداد ۽ پائيدار ترقي جي هدفن کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ تعاون تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. هن اسرندڙ ملڪن جي رعايتي ماليات ت??ئين پهچ ۽ هن سال 22 ۽ 23 سيپٽمبر تي نيويارڪ ۾ منعقد ”سمٽ آف دي فيوچر“ ڪانفرنس دوران ڪ??ل واع??ن تي عملدرآمد تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ملاقات دوران نائب وزيراعظم عالمي مالياتي ادارن ۾ اسرندڙ ملڪن جي نمائندگي وڌائڻ تي زور ڏنو.