اسلام آباد-28 نومبر (اي پي پي) سيڙپڪاري، نجڪاري ۽ مواصلات بابت وفاقي وزير عبدالعليم خان چي?? آهي ته نجڪاري، سيڙپڪاري ۽ مواصلات جي شعبن ۾ مربوط قدمن ذريعي اڳيان وڌڻ چاهيون ٿا. سيڙپڪاري بورڊ مان جاري پريس رليز موجب وفاقي وزير آذربائيجان ۾ پا??ستاني سفير سان وڊيو لنڪ ذريعي اجلاس دوران آذربائيجان جي تازي دؤري جي روشني ۾ سيڙپڪاريءَ جي معاملن تي غور ويچار ۽ آئنده لائحه عمل تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. وفاقي وزير، آذربائيجان ۾ پا??ستان جي سفير قاسم محي الدين کان فالو اپ معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. وڊيو لِنڪ اجلاس ۾ مواصلات ۽ نجڪاري جا وفاقي سيڪريٽري به شريڪ هئا. هن پنهنجي کاتي جي حوالي سان بريفنگ ڏني. قاسم محي الدين، وفاقي وزير کي مختلف معاملن تي ٿيل اڳڀرائيءَ بابت آگاهه ڪيو. بريفنگ ۾ ٻُڌايو ويو ته آذربائيجان جا مختلف سرڪاري ادارا پا??ستان ۾ سيڙپڪاري ۽ ادارن جي نجڪاري ۾ گهري دلچسپي رکن ٿا. ان موقعي تي وفاقي وزير چي?? ته آذربائيجان سان مواصلات جي شعبي ۾ ٻن موٽر ويز، ايم 6 ۽ ايم 9 ۾ سيڙپڪاري تي به غور ڪيو. هن چي?? ته ترڪيه ۽ آذربائيجان جي پا??ستان ۾ سفيرن سان جلد ڌار ڌار ملاقاتون ڪندس. هن هدايت ڪئي ته پا??ستاني سفارتخانو ڊسمبر جي جوائنٽ ڪميشن جي اجلاس کان پهرين پنهنجو هوم ورڪ مڪمل ڪري. وفاقي وزير کي آذربائيجان سان سيڙپڪاريءَ لاءِ ”جي ٽو جي“ طريقيڪار تي سيڙپڪاري ۽ ٻه طرفن سرگرمين جي باري ۾ به بريفنگ ڏني وئي. هن چي?? ته واپاري معاملن تي سينٽرل ايشيا پا??ستان لاءِ اوڀر يورپ تائين گيٽ وي ثابت ٿي سگهي ٿو. وفاقي وزير چي?? ته باڪو، آذربائيجان ۾ هلندڙ مهيني ٿيل ڪوپ-29 ۾ پا??ستان جي نمائندگي نمايان رهي.