اسلام آباد-21 ڊ??مبر (اي پي پي) نجڪاري، سيڙپڪاري بورڊ ۽ مواصلات
واري وفاقي وزير عبدالعليم خان چيو آهي ته يورپ لاءِ ??اڪستان انٽرنيشنل ايئر
لائين(پي آءِ اي) جي اڏامن جي شروعات سٺي ڳالهه آهي، هي فلائيٽ آپريشن هن
اداري جي نجڪاري ل??ءِ سنگ ميل ثابت ٿيندي، انشاءُ الله جلد ئي پي آءِ اي کي
برطانيه ۽ آمريڪا ۾ به آپريشنل ڪرڻ جي خوشخبري ملندي، پي آءِ اي جي
نجڪاري جي هن وقت تائين جي اڳڀرائي تي ڳالهائيندي وفاقي وزير چي?? ته هاڻي
ماڻهن کي يقين ٿي ويو آهي ته هو يورپ لاءِ ??ي آءِ اي ۾ سفر ڪري سگهندا.
وفاقي وزير عبدالعليم خان چي?? ته انشاءُ الله جلد ئي پي آءِ اي کي برطانيه ۽
آمريڪا ۾ به آپريشنل ڪرڻ جي خوشخبري ملندي. وفاقي وزير چي?? ته پي آءِ
اي جي نجڪاري ۾ ايندڙ مسئلا ختم ٿي چڪا آهن، هاڻي تيزي سان مرحلا طئي
ٿيندا. هن چي?? ته پي آءِ اي جي وڪري ل??ءِ آءِ ايم ايف ٻن اهم اشوز کي منظور
ڪري ورتو آهي، نون جهازن جي خريداري تي 18 سيڪڙو سيلز ٽيڪس ختم
ڪيو ويو آهي. هن چي?? ته پي آءِ اي جي سمورن نقصانن کي هولڊنگ ڪمپني ۾
منتقل ڪنداسين، پاڪستان انٽرنيشنل ايئر لائنز کي ڪنهن به پراڻي بقايائن جي
رقم جي ادائيگ?? کانسواءِ ??ڪرو ڪنداسين. عبدالعليم خان چي?? ته انهن سڌارن
کانپوءِ انويسٽرز لاءِ ??ي آءِ اي جي خريداري وڌيڪ پرڪشش ٿي ويندي، پي آءِ
اي جي پرائيويٽائيزيشن لاءِ ??عاملا تيزي سان اڪلايا پيا وڃن، جلد خوشخبري
ملندي.