اسلام آباد-15 ڊسمبر (اي پي پي)صدر مم??ڪت آصف علي زرداري چيو آهي ته اي پي اي?? جهڙا سانحا دهشتگردن ۽ خوارج جو اصل چهرو بي نقاب ڪن ٿا، پاڪستاني قوم دهشتگردن کي پنهنجي مڪروه ارادن ۾ ڪڏهن به ڪامياب ٿيڻ نه ڏيندي، 16 ڊسمبر 2014ع جي افسوسناڪ ڏينهن دهشتگردن اسان ??ي معصوم ۽ قوم جي مستقبل تي حملو ڪيو، معصوم ٻارن تي حملو مڪروه ۽ انسانيت لڄائيندڙ ڏوهه آهي، دهشتگردي جي خاتمي لاءِ عالمي برادري کي گڏيل طور ڪوششون ڪرڻيون پونديون، اچو ته دهشتگردي جي خاتمي ۽ پرامن پاڪستان لاءِ ڪم ڪرڻ جو وچن ڪريون. ايوان ??در جي پريس ونگ موجب اها ڳالهه صدر مم??ڪت آصف علي زرداري آرمي پبلڪ اسڪول پشاور حملي جي 10 هين ورسي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ چئي. صدر آصف علي زرداري چيو ته 16 ڊسمبر 2014ع جي افسوسناڪ ڏينهن دهشتگردن اسان ??ي ٻارن ۽ قوم جي مستقبل تي حملو ڪيو، اڄوڪي ڏينهن دهشتگردن معصوم ٻارن سميت استادن کي بي دردي سان قتل ڪيو، دهشتگردن استادن ۽ شاگردن کي نشانو بڻائي عوام دشمني جو ثبوت ڏنو. صدر چيو ته معصوم ٻارن تي حملو مڪروه ۽ انسانيت لڄائيندڙ ڏوهه آهي. اي پي اي?? سانحي مان واضح آهي ته دهشتگردن جي اي??نڊا ملڪ ۾ جهيڙا ۽ ڏڦيڙ پکيڙڻ آهي. آصف علي زرداري چيو ته 16 ڊسمبر جي ڏينهن اسان ??ي قوم جي اجتماعي يادداشت تي اڻمٽ نقش ڇڏيا آهن، اسان ??ون همدرديون معصوم جانين جي وارثن سان آ??ن، اهو ڏينهن اسان کي دهشتگردي خلاف جنگ ۾ اسان ??ي قوم جي قربانين جي ياد ڏياري ٿو. صدر مم??ڪت چيو ته اي پي اي?? حملو اسان ??ي ٻارن، اسان ??ي مستقبل، اسان ??ي وجود تي حملو هو، اي پي اي?? سانحي جهڙا واقعا دهشتگردن ۽ خوارج جو اصل چهرو بي نقاب ڪن ٿا. هن چيو ته پاڪستاني قوم دهشتگردن کي پنهنجي مڪرو ارادن ۾ ڪڏهن به ڪامياب ٿيڻ نه ڏيندي. اي پي اي?? سانحي اسان کي دهشتگردي خلاف قوم جي حيثيت سان متحد ڪيو. صدر مم??ڪت چيو ته تاريخ شاهد آهي ته پاڪستاني قوم مصيبتن آڏو ڪڏهن به هارائي نٿي، هي ڏينهن دهشتگردي خلاف متحد ٿيڻ، ان لعنت جي مڪمل خاتمي لاءِ ڪوششون تيز ڪرڻ جي ياد ڏياري ٿو. صدر مم??ڪت چيو ته دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پاڪستان ??ي سياسي قيادت به قربانيون ڏنيون آ??ن. اڄ اسان پنهنجي بهادر سپاهين،قانون لاڳو ڪندڙ ادران ۽ عام شهرين جي دهشتگردي خلاف قربانين کي خراج عقيدت پيش ڪريون ٿا. صدر چيو ته پنهنجي ٻارن، اڳواڻن ۽ شهرين جي قربانين کي رائيگان ٿيڻ نه ڏينداسين. پاڪستان مان ??هشتگردي ۽ انتهاپسندي جي پاڙ پٽي اڇلائڻ جي عزم کي ورجايون ٿا. دهشتگردي جي خاتمي لاءِ عالمي برادري کي گڏيل طور تي ڪوششون ڪرڻيون پونديون. صدر مم??ڪت زور ڀريو ته اچو ته دهشتگردي جي خاتمي ۽ پرامن پاڪستان لاءِ ڪم ڪرڻ جو وچن ڪريون.