اسل??م آباد-08 جنوري (اي پي پي) چيني تعميراتي ڪمپني اوورسيز ريريزنٽيٽيو آفيس يونين جي ڊائريڪٽر لي پنگ، خيبر پختونخواهه جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي س??ن اسل??م آباد ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ هن خيبر پختونخوا جي گورنر کي سنڌ ۾ اين 5 تي ٿيندڙ تعميراتي ڪم جي حوالي س??ن بريفنگ ڏني. گورنر ڪمپني جي ڪم کي س??راهيندي چشمه ليفٽ ڪينال ۾ به ڪمپني کي حصو وٺڻ جي تجويز پيش ڪئي. هن چيو ته چشمه ليفٽ ڪينال صرف خيبر پختونخوا ئي نه پر ملڪ جو اهم ترقياتي منصوبو آه?? جنهن ۾ عالمي معيار جي ڪمپينن جي شموليت ان منصوبي جي جٽادار ۽ ديرپا نتيجن لاءِ انتهائي ض??وري آه??. ملاقات ۾ تعميراتي ماهر مشهور ڪاروباري شخصيت شعيب خان به ان سان گڏ هو. جڏهن ته ان کانسواءِ خيبرپختونخواهه جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي س??ن مسلم ايڊ جي هيڊ آف آپريشن آصف چشتي پُڻ ملاقات ڪئي، مُلاقات ۾ ڪي پي ڪي جي گورنر چيو ته ڏکويل انسانيت جي خدمت ڪندڙن کي معاشري ۾ قدر جي نگاه سان ڏٺو ويندو آه??. ڪي پي ڪي ۾ ان حوالي س??ن سماجي فلاحي تنظيمن جي متحرڪ ڪردار جي ض??ورت آه??.