اسلام آباد – 07 – جنوري (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار پرڏيهي وزارت جو دورو ڪندڙ 52ه??ن ڪامن ٽريننگ پروگرام جي شرڪت ڪندڙن کي خطاب ڪيو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب پرڏيهي وزارت جي سيڪريٽري آمنه بلوچ پڻ ان موقعي تي موجود هئي. ايڊيشنل پرڏيهي سيڪريٽري (آفريقا) سفير حامد اصغر خان شرڪت ڪندڙن کي پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي جي حوالي سان آگاهه ڪيو.