اسلام آباد – 07 نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته ڀارت 5 آگسٽ کان والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ غير قانوني گهيراءُ ڪري ڪشميري عوام جا انساني حق پائمال ڪري رهيو آهي، ڀارت جي ان قدم والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني الميو پيدا ڪري ڇڏيو آهي، خوراڪ ۽ زندگي بچائيندڙ دوائن جي سخت کوٽ آهي، جڏهن ته مواصلاتي رابط?? به ڪٽيل آهن. اهڙن خيالن جو ا??هار هن آسيان جي پارليامينٽ ميمبرن ج?? 18 ??ڪني وفد سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ملائيشيا جي مشاورتي ڪائونسل آف اسلامڪ آرگنائيزيشن (ايم اي پي آءِ ايم) جي صدر حاجي محمد اعظميٰ حامد جي سربراهي ۾ ساڻس ملاقات ڪئي.