پشاور – 10 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عم??ان خان نوشهره ضلعي ۾ اضا خيل ڊرائي پورٽ جو افتتاح ڪري ڇڏيو آهي، ان موقعي تي ريلوي وارو وفاقي وزير شيخ رشيد، دفاع وارو وفاقي وزير پ??وي?? خٽڪ ۽ ٻيا اعليٰ عملدا?? به ساڻس گڏ هئا، ان موقعي تي بريفنگ ۾ وزيراعظم ک?? ٻڌايو ويو ته اضا خيل ڊرائي پورٽ پنهنجي نوعيت جو جديد ڊرائي پورٽ آهي جنهن کي 50 ڪروڙ 70 لک روپين جي وڏي رقم سان هڪ سال جي عرصي ۾ مڪمل ڪيو ويو آهي.