اسلام آباد – 10 مئي (اي پي پي) نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر (اين سي او سي) کي ٻڌايو ويو آهي ته نيشنل هيلٿ سروسز، ريگيوليشنز اينڊ ڪوآرڊينيشن واري وزارت ملڪ ۾ ڪورونا وائرس ??ي خاتمي لاءِ اسپري جي طريقيڪار ۽ ضرورت جي حوالي سان جلد هڪ ٺوس حڪمت عملي جوڙيندي، صحت وارين وفاقي ۽ صوبائي وزارتن 5 نقطن تي اتفاق ڪيو آهي جن ۾ ڪوويڊ 19 جي شڪي مريضن جي لاڏاڻي جي هڪ نظام تحت تحقيق، وائرس ??ي ڪنهن علائقي ۾ عدم موجودگي بابت سروي، قرنطينه جي حڪمت عملي، وائرس کان بچاءُ لاءِ اسپري ?? ا??پتالن ۾ ڪورونا جي مريضن جي لاءِ دستياب بسترن ۽ وينٽي ليٽرز بابت تازي معلومات جي فراهمي جو طريقيڪار شامل آهي. اين سي او سي جو اجلاس منصوبابندي، ترقي، ۽ خاص قدمن واري وفاقي وزير ??سد عمر جي صدارت ۾ هتي نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر ۾ ٿيو.