اسلام آباد – 30 آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي عاشوري جي ڏهاڙي جي مناسبت سان قوم تي زور ڏنو آهي ته اڄ جي ڏينهن ??سا?? کي وچن ورجائڻ گهرجي ته ??سا?? اسوه حسين رضه تي عمل پيرا ٿي هر اهو ڪم ڪنداسين جيڪو حق جي سربلندي، عدل ۽ انصاف جي فروغ، اسلامي روايتن جي پاسداري ۽ ملڪ جي ترقي ۽ خوشح??لي جي لاءِ مفيد هوندو، ??سا?? کي گهرجي ته ??سا?? گڏيل نفاق، فرقه واريت ۽ مذهبي منافرت کان مٿانهون ٿي ڪري ملڪي ترقي ۽ خوشح??لي لاءِ ڪم ڪريون. صدر يوم عاشور محرم الحرام 1442هه جي موقعي تي قوم جي ن??لي پيغام ۾ چيو ته يوم عاشور يعني 10 هين محرم الحرام کي ??لل?? تعاليٰ روز ازل کان ئي خاص شرف بخشيو آهي، ان ڏينهن تاريخ انسانيت جا تمام گهڻن اهم واقعا رونما ٿيا جهڙوڪ حضرت آدم جي توبه قبول ٿي، حضرت نوح عه جي ٻيڙي سلامتي سان جودي جبل تي لٿي، حضرت سيد??ا ابراهيم عه تي نمرود جي باهه گلزار ٿي، ۽ ٻيو خليفو حضرت عمر رضه پهرين محرم الحرام تي شهادت جي درجي تي فائز ٿيو، هن چيو ته حضور نبي ڪريم خاتم النبيين صه جي ڏوهٽي حضرت امام ع??لي مقام حضرت امام حسين رضه پنهنجي اهل بيتِ اطهار ۽ ساٿين سان ڪربلا جي ميدان ۾ عاشور جي ڏهاڙي تي شهادت ماڻي اسلامي تاريخ ۾ ان ڏينهن کي قيامت تائين خاص بڻائي ڇڏيو.