ڪراچي – 05 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ملڪ جي ترقي ۾ ڪاروباري طبقي ??و ڪردار اه??يت رکندڙ آهي ۽ ان کي سمورين سهولتن جي فراهمي حڪومت جو فرض آهي، ڪاروبار ۾ آسانيون پيدا ڪرڻ اسان جي حڪومت جي اولين ترجيح آهي، وزيراعظم اها ڳالهه ڪراچي ۾ واپاري ?? ڪاروباري طبقي ??ي وفد سان ملاقات ۾ ڳالهائيندي چئي. ملاقات ۾ مصوبابندي وارو وفاقي وزير اسد عمر، اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز، ميري ٽائيم افيئر وارو وفاقي وزير علي زيدي، وفاقي وزير فيصل واوڊا، سنڌ جو گورنر عمران اسماعيل، ناڻي وارو صلاحڪار عبدالحفيظ شيخ ۽ اسٽيٽ بئنڪ جو گورنر رضا باقر به موجود هئ??. و??د ۾ آصف اڪرام، نجيب بلگموالا، اعظم فاروق، بشير علي محمد ، فيصل مقبول شيخ، طارق شفيع ۽ محمد علي تابا شامل هئا. وفد وزيراعظم ??ي ڪووڊ – 19 جي وبا جي حوالي سان ڪامياب حڪمت عملي تي مبارڪباد ڏني ?? ڪاروباري طبقي کي مراعتون فراهم ڪرڻ تي خراج تحسين پيش ڪيو، وزيراعظم عمران خان چيو ته ڪاروباري طبقو ملڪ جي ترقي ۾ اه?? ڪردار ادا ڪندو آهي ۽ حڪومت جو فرض آهي ته انهن کي سموريون سهولتون فراهم ڪري، ڪاروبار ۾ آسانيون پيدا ڪرڻ اسان جي حڪومت جي اولين ترجيح آهي.