اسلام آباد – 11 سيپٽمبر (ا?? پي پي) سينيٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي ??يو آهي ته چين سان دوستاڻي لاڳاپن تي پوري پاڪستاني قوم ۽ سياسي قيادت هڪ آهي ۽ ٻن??ي ملڪن جي عوام جون دليون هڪٻئي سان گڏ ڌڙڪنديون آهن، ٻن??ي ملڪن جا لاڳاپا وقت گذرڻ سان گڏوگڏ وڌيڪ مستحڪم ٿي رهيا آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن چين جي عهدو ڇڏيندڙ سفير يائو جنگ جي اعزاز ۾ ڏنل آجياڻي جي موقعي تي ڪيو، سينيٽ سيڪريٽريٽ موجب سينيٽ چيئرمين چيو ته چين سان مضبوط لاڳا اسان جي پرڏيهي پاليسي جو اهم حصو آهن ۽ پاڪستان ۽ چين جي دوستي تاريخي ۽ مثالي آهي، هن چي وته سمورا ادارا ۽ سياسي قوتون چين سان لاڳاپن تي متحد آهن ۽ س?? پيڪ ٻن??ي ملڪن جي لاڳاپن کي اسٽريٽجڪ حصيداري ۾ بدلائي ڇڏيو ۽ بيلٽ اينڊ روڊ منصوبو ۽ س?? پيڪ خطي جي ترقي جو لنگهه آهي.