اسلام آباد – 15 آڪٽوبر (اي پي پي) نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر (اين سي او سي) ڪورونا وائرس جي حوالي سان تازا انگ اکر جاري ڪري ڇڏيا آهن. اين سي او سي پاران جاري ڪيل انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا جي 756 مريضن جا ٽيسٽ مثبت آيا ۽ 11 مريض اسپتالن ۾ ۽ 2 مريض گهرن ۾ قرنطينه ۾ ان وائرس سبب فوت ٿي ويا. گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪووڊ – 19 جا 31 هزار 862 ٽيسٽ ڪيا ويا، جنهن مان سنڌ ۾ 9 هزار 234، پنجاب ۾ 11 هزار 601، خيبرپختونخو?? ۾ 4 هزار 337، اسلام آباد ۾ 4 هزار 832 ، بلوچستان 859 ، گلگت بلتستان ۾ 270، آزاد ڪشمير ۾ 729 ٽيسٽ شامل آهن. هن وقت تائين سڄي ملڪ ۾ ڪووڊ – 19 مان صحتياب ٿيندڙن جو ت??دا?? 3 لک 5 هزار 395 ٿي چڪو آهي، آزاد ڪشمير ۽ بلوچستان ۾ ڪووڊ 19 جو ڪو به مريض هن وقت وين??يل??رز تي نه آهي، جڏهن ته سڄي ملڪ ۾ ڪووڊ – 19 جي لاءِ مختص ڪيل هڪ هزار 884 وين??يل??ٽرز تي ڪووڊ 19 جا 77 مريض آهن. سڄي ملڪ ۾ ڪووڊ -19 جي ايڪٽو ڪيسن جو ت??دا?? 9 هزار 209 آهي. سڄي ملڪ ۾ ڪورونا وائرس سبب متاثر ماڻهن جو ت??دا?? 3 لک 21 هزار 218 آهي، جنهن مان آزاد ڪشمير ۾ 3 هزار 268، بلوچستان ۾ 15 هزار 599، گلگت بلتستان ۾ 3 هزار 982، اسلام آباد ۾ 17 هزار 681، خيبرپختونخوا ۾ 38 هزار 464، پنجاب ۾ هڪ لک هڪ هزار 237 ۽ سنڌ ۾ هڪ لک 40 هزار 997 مريض آهن، سڄي ملڪ ۾ ڪووڊ – 19 سبب فوت ٿيندڙن جو ت??دا?? 6 هزار 614 آهي.