ڪوئيٽا – 23 آڪٽوبر (اي پي پي) خاتون اول ڊاڪٽر ثمينه عارف علوي چيو آهي ته عورتن ۾ ڇاتي جي ڪينسر هڪ سنجيده مسئلو آهي، جيڪڏهن ان جي بروقت سڃاڻپ ٿي وڃي ته ان مرض جي پيچدگين کان ب??ي سگهي ٿو، ضروري آهي ته ان آگاهي کي صرف آڪٽوبر جي مهيني تائين ئي محدود نه رکيو وڃي پر م??لسل عورتن ۽ ڇوڪرين کي ان مرض جي باري ۾ شعور ڏيندا رهون. اهڙن خيالن جو اظهار هن گورنر هائوس ڪوئيٽا ۾ منعقد تقريب جي شرڪت ڪندڙن کي خطاب ڪندي ڪيو.