اسلام آباد – 19 نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات و??ري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته ڪورونا جي قومي ايشو کي سياست جي ور نه چاڙهيو وڃي، مخالف ڌر جلسن جي پنهنجي فيصلي تي نظرثاني ڪري. وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز پنهنجي ٽوئيٽ ۾ چيو ته مخالف ڌر وارا ته مڪمل ل??ڪ ڊائون جي وڪالت ڪري رهيا هئا، ??ڄ يوٽرن نه وٺن، ذاتي مفاد بدران عوام، سياسي ڪارڪنن ۽ پنهنجي زندگي جي حفاظت ۽ صح?? کي خدارا ترجيح ڏني وڃي.