اسل??م آباد – 20 – ڊسمبر (اي پي پي) گذ??يل 24 ڪلاڪن د??ران ڪورونا وائرس سبب پنجاب ۾سڀ کان وڌيڪ فوتگيون رڪارڊ ڪيون ويون، ان کانپوءِ وڌيڪ فوتگيون سنڌ ۾ ٿيون، سڄي ملڪ ۾ گذ??يل 24 ڪلاڪن د??ران ڪورونا وائرس سبب 80 فوتگيون ٿيون جنهن مان 44 فوتگيون وينٽيليٽرز تي موجود مريضن جون ٿيون. نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر طرفان جاري ڪيل انگن اکرن موجب گذ??يل 24 ڪلاڪن د??ران ڪورونا جا 2615 نوان مثبت ڪيس سامهون آيا آهن ۽ 80 ماڻهو ان وائرس سبب فوت ٿيا جنهن مان 68 ماڻهو اسپتالن ۾ جڏهن ته 12 ماڻهو گهرن ۾ قرنطينه دوران فوت ٿيا. ملڪ جي چئن وڏن شهرن ۾ وينٽيليٽرز تي ڪووڊ – 19 جي مريضن جي تناسب جي لحاظ کان ملتان ۾ 46 سيڪڙو، اسل??م آباد ۾ 44 سيڪڙو، لاهور ۾ 33 سيڪڙو ۽ پشاور ۾ 26 سيڪڙو مريض آهن، اهڙي طرح ملڪ جي چئن وڏن شهرن ۾ آڪسيجن جي سهولتن وارن بس??رن تي راولپنڊي ۾ 40 سيڪڙو، ملتان ۾ 38 سيڪڙو، پشاور ۾ 58 سيڪڙو ۽ ايبٽ آباد ۾ 41 سيڪڙو مريض آهن، گذ??يل 24 ڪلاڪن د??ران ڪووڊ – 19 جا 37 هزار 206 ٽيسٽ ڪيا ويا جنهن مان سنڌ ۾ 10 هزار 372، پنجاب ۾ 14 هزار 622، خيبرپختونخوا ۾ 5 هزار 488، اسل??م آباد ۾ 5 هزار 403، بلوچستان ۾ 428، گلگت بلتستان ۾ 412، آزاد ڪشمير ۾ 481 ٽيسٽ شامل آهن، هيستائين سڄي ملڪ ۾ ڪووڊ – 19 مان صحتياب ٿيندڙن جو تعداد 4 لک 7 هزار 405 ٿي چڪو آهي.