اسلام آباد – 09 فيب??ور?? (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر ۽ وزيراعظم جي پا??لياماني معاملن واري صلاحڪار ڊاڪٽر بابر اعواڻ مخالف ڌر جي ريڪيوزيشن تي قومي اسيمبلي جو ??جلاس گهرائڻ تي اتفاق ڪندي چيو آهي ته مخالف ڌر جو هنگامو عوام ۽ جمهوريت جي خدمت جي ابتڙ آهي. اسپيڪر سان وزيراعظم جي پا??لياماني معاملن واري صلاحڪار ڊاڪٽر بابر اعواڻ ملاقات ڪئي جنهن ۾ قانونسازي ۽ قومي اهميت جا اهم معاملا بحث هيٺ آيا. ملاقات ۾ مخالف ڌر جي ريڪيوزيشن تي اجلاس گهرائڻ جو فيصلو ڪيو ويو ۽ ايوان جي ڪارروائي اسيمبلي جي قاعدن ۽ ضابطن تحت هلائڻ تي اتفاق ڪيو ويو. اسپيڪر چيو ته ايوان ۾ هنگامه آرائي سان نه جمهوريت جي خدمت آهي نه ئي عوام جي، اجلاس ۾ قانونسازي ۽ قومي اهميت جي اهم مسئلن کي بحث هيٺ آندو ويندو. اسد قيصر چيو ته ايوان جي ڪارروائي خوشگوار ماحول ۾ هلندي ته عوامي اهميت جا معاملا ۽ ق??نونسازي بهتر انداز ۾ ڪري سگهجي ٿي، عوام جون نظرون پنهنجي چونڊيل نمائندن ڏانهن آهن، چونڊيل نمائندا پا??ليامينٽ جو موثر انداز ۾ استعمال ڪري عوامي مسئلن جو ??ل تجويز ڪري سگهن ٿا.