اسلام آباد – 15 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ريلوي جهڙي قومي اداري کي خساري مان ڪڍڻ جي لاءِ بنا رڪاوٽ سڌاراجاتي عمل ضروري آهي، بهتر ريلوي نظام سان نه رڳو عوام کي اچ وڃ جي بهتر سهولت ملندي پر ٽريفڪ جي مسئلن کي حل ڪرڻ ۽ معاشي بهتري ۾ پڻ مدد ملندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان ريلويز ۾ جاري سڌاراجاتي عمل، ڪراچي سرڪلر ريلوي من??وبي ۾ اڳڀرائي ۽ پرائم من??ٽري ريلوي گرين انيشيئيٽو جي ??وا??ي سان اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ ريلوي واري وفاقي وزير محمد اعظم خان سواتي، من??وبابندي واري وفاقي وزير اسد عمر، اداراجاتي سڌارن واري صلاحڪار ڊاڪٽر عشرت حسين، وفاقي سيڪريٽرين ۽ سينيئر آفيسرن شرڪت ڪئي. اجلاس کي ڪراچي شهر جي مسئلن جي حل جي ??وا??ي سان ٻڌايو ويو ته لاهور ڪراچي ريلوي ٽريڪ جي متوازي مال بردار گاڏين جي لاءِ هڪ مخصوص فريٽ ڪوريڊور ٺاهڻ جو من??وبو غور ه??ٺ آهي، جنهن ذريعي پپري کي ڪراچي پورٽ ٽرسٽ سان ڳنڍيو ويندو، ان ڪوريڊور جي نتيجي ۾ مال برداري ۾ آساني ۽ شهر ۾ ٽريفڪ جي مسئلن ۾ گهٽتائي ٿيندي. ڪراچي سرڪلر ريلوي من??وبي جي ??وا??ي سان ٻڌايو ويو ته ان ??وا??ي سان پاڪستان ريلوي بي او ٽي بنيادن تي ماڊل تيار ڪيو آهي جنهن ذريعي مسافرن کي بهتر سروس جي فراهمي کي يقيني ??ڻائي سگهبو. من??وبي جي ٽيڪنيڪل ڊيزائن ۽ فنانشل ماڊل جي تياري جي ??وا??ي سان ڪنسلٽنٽ مقرر ڪيو ويو آهي. جيڪو 30 ڏينهن ۾ پن??نجون تجويزون پيش ڪندو. ريلوي سڌارن جي ??وا??ي سان ٻڌايو ويو ته پاڪستان ريلويز جي نقصانن ۾ گهٽتائي آڻڻ ۽ اداري کي ٻڏڻ کان بچائڻ جي ??وا??ي سان تفصيلي سڌاراجاتي پروگرام تي ڪم جاري آهي.