اسلام آباد – 02 اپريل (اي پي پي) گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وائرس سبب پنجاب کانپوءِ خي??رپ??تونخوا ۾ سڀ کان وڌيڪ ف??تگيون رڪارڊ ڪيون ويون. سڄي ملڪ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وائرس سبب 83 فوتگيون ٿيون جنهن مان 26 فوتگيون وينٽيليٽرز تي موجود مريضن جون ٿيون. نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر پاران جاري ڪيل انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران سڄي ملڪ ۾ 5 هزار 234 ماڻهن جا ڪورونا ٽيسٽ مثبت آيا. ملڪ جي چئن وڏن شهرن ۾ وينٽيليٽرز تي ڪو??ڊ – 19 جي مريضن جي تناسب جي لحاظ کان ملتان ۾ 70 سيڪڙو، لاهور ۾ 67 سيڪڙو، گجرانوالا ۾ 60 سيڪڙو ۽ اسلام آباد ۾ 50 سيڪڙو مريض آهن. اهڙي طرح ملڪ جي چئن وڏن شهرن ۾ آڪسيجن جي سهولت وارن بسترن تي ڪورونا جي مثبت ڪيسن جي تناسب جي لحاظ کان پشاور ۾ 87 سيڪڙو، سوات ۾ 100 سيڪڙو، گجرات ۾ 73 سيڪڙو ۽ گجرانوالا ۾ 85 سيڪڙو مريض آهن. گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪو??يڊ – 19 جا 50 هزار 170 ٽيسٽ ڪيا ويا جن مان سنڌ ۾ 8 هزار 913 پنجاب ۾ 23 هزار 39، خي??رپ??تونخواهه ۾ 8 هزار 574، اسلام آباد ۾ 7 هزار 872، بلوچستان ۾ 590، گلگت بلتستان ۾ 272، آزاد ڪشمير ۾ 910 ٽيسٽ شامل آهن. هيستائين سڄي ملڪ ۾ ڪو??يڊ 19 مان صحتياب ٿيندڙن جو انگ 6 لک 7 هزار 205 ٿي چڪو آهي. گگت بلتستان، آزاد ڪشمير ۽ بلوچستان ۾ ڪو??يڊ 19 جو ڪو به مريض هن وقت وينٽيليٽر تي نه آهي. جڏهن ته سڄي ملڪ ۾ ڪو??يڊ 19 جي لاءِ مخصوص ڪيل وينٽيليٽرز تي ڪو??يڊ 19 جا 421 مريض آهن. سڄي ملڪ ۾ ڪو??يڊ 19 جي ايڪٽو ڪيسز جو انگ 56 هزار 347 آهي. سڄي ملڪ ۾ ڪورونا وائرس کان متاثر ماڻهن جو انگ 6 لک 78 هزار 165 آهي جن مان آزاد ڪشمير ۾ 12 هزار 984، بلوچستان ۾ 19 هزار 610، گلگت بلتستان ۾ 5 هزار 45، اسلام آباد ۾ 59 هزار 401، خي??رپ??تونخواهه ۾ 89 هزار 255، پنجاب ۾ 2 لک 25 هزار 953 ۽ سنڌ ۾ 2 لک 65 هزار 917 مريض آهن.