اسلام آباد – 07 جون (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سومر ڏينهن ??رطانيه جي وزيراعظم بورس جانسن سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي، ٻنهي اڳواڻن ٻطرفي ۽ گڏيل رابطن، افغان امن عمل، ڪووڊ 19 وبا ۽ ماحولياتي تبديلي جي موضوع تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. وزيراعظم عمران خان 5 جون تي ماحوليات جي عالمي ڏينهن ??ي موقعي تي بورس جانسن جي شاندار وڊيو پيغام تي س??دس ٿورو ادا ڪيو، وزيراعظم عمران خان اميد ظاهر ڪئي ته پاڪستان ۽ برطانيه جي وچ ۾ واپار ۽ سيڙپڪاري س??يت ٻين شعبن ۾ مضبوط حصيداري ترقي ڪندي، ٻنهي اڳواڻن اعليٰ سطح جي مٽاسٽا جي اهميت تي اتفاق ڪيو، وزيراعظم عمران خان برطانيه ۾ ڪووڊ 19 وبا کي منهن ڏيڻ لاءِ بورس جانسن جي ڪوششن جي واکاڻ ڪئي، هن پاڪستان پاران ڪووڊ 19 وبا کي منهن ڏيڻ لاءِ قدمن کان آگاهه ڪيو جنهن ۾ انساني زندگين کي بچائڻ سان گڏوگڏ ??وزگار ۽ معيشت جي تحفظ جا قدم شامل هئا، هن ??ورس جانسن کي چ??و ته هو پاڪستان کي ان وبا جي ڪري ملڪن تي س??ري پابندين جي ريڊ لسٽ تي وجهڻ جي فيصلي تي نظرثاني ڪري، افغانستان جي حوالي سان وزيراعظم عمران خان چ??و ته پاڪستان افغانستان جي قيادت ۾ انهن ??ي پنهنجي امن ۽ مفاهمت جي عمل جي حمايت ڪري ٿو،