ڪراچي – 30 آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي بئنڪن تي ز??ر ڏ??و آهي ته اهي مارڪيٽ جي ??ازه ترين رجحانن ۽ مطالبن تي تحقيق ??رڻ جي ??جحان کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ يونيورسٽين سان رابطا قائم ڪن. اسلامي بئنڪنگ بابت چوٿين گول ميز ڪانفرنس ۾ خاص مهمان طور خطاب ڪندي صدر چيو ته جڏهن يونيورسٽين جا شاگرد اڳ ۾ ئي ايم فل ۽ پي ايڇ ڊي جي لاءِ مختلف موضوعن تي مطالعو ڪري رهيا آهن ته اهڙي صورت ۾ تحقيق جي لاءِ جدا ادارو قائم ??رڻ جي ??رورت ڇو محسوس ڪئي وئي. هن چيو ته ريسرچ شاگردن کي بئنڪنگ سيڪٽر پاران رهنمائي ۽ سرپرستي ڏيڻ گهرجي ??ه جيئن انهن جي ڪوششن کي مارڪيٽ جي ??رورتن ۽ جديد رجحانن سان هم آهنگ ڪري سگهجي. هن وڌيڪ چيو ته اهڙي طرح بئنڪن کي گهربل تحقيق حاصل ٿيندي جڏهن ته شاگردن کي وڌيڪ لڳاءُ سان ڪم ??رڻ جي ??رغيب ملندي. هن چيو ته ڪنهن شخص جي موت جي فوري پوءِ دولت ۽ ملڪيت جي وراثت جي منتقلي پڻ اسلام جي ??عليم جو روح آهي. هن پاڪستان ۾ اسلامي شرعي تعميل جي قدمن تي پڻ زور ڏ??و. ڊاڪٽر عارف علوي بئنڪنگ سيڪٽر پاران عورتن کي بااختيار بڻائڻ جي لاءِ مالي مدد جي لاءِ قرضن جو هڪ حصو وقف ??رڻ تي پڻ زور ڏ??و ته جيئن اهي ملڪ جي پائيدار ترقي ۾ مثبت ڪردار ادا ڪري سگهن. ان کان اڳ ناڻي واري وفاقي وزير شوڪت ترين، وزيراعظم جي ??لاحڪار ڊاڪٽر عشرت حسين، اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان جي گورنر ڊاڪٽر باقر رضا، پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج جي چيئرپرسن ڊاڪٽر شمشاد اختر، سنڌ بئنڪ جي چيئرمين شريعه بورڊ اسلامڪ بئنڪنگ ڊويزن مفتي محمد نجيب خان پڻ خطاب ڪيو جڏهن ته سنڌ جو گورنر عمران اسماعيل ۽ ٻيا معزز پڻ ان موقعي تي موجود هئا. ان موقعي تي خطاب ڪندي ڊاڪٽر عشرت حسين چيو ته اسلامي بئنڪنگ سسٽم کي جديد چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي ??لاحيت حاصل ٿي ۽ اها روايتي نظام جي متبادل طور سامهون اچي سگهي ٿي. هن چيو ته ٻنهي ڌرين کي اسلامي بئنڪاري تحت منافعي ۾ هڪ جهڙو شيئر مليو آهي، جنهن کي هن نظام جي ??وبصورتي قرار ڏ??و. ڊاڪٽر عشرت حسين اسلامي بئنڪاري پاران نظرانداز ڪيل شعبن تي ڌيان ڏيڻ جي ??رورت تي پڻ زور ڏ??و. اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان جي گورنر ڊاڪٽر رضا باقر شرڪت ڪندڙن کي آگاهه ڪيو ته اسلامي بئنڪاري جي ??هولت 60 کان وڌيڪ ملڪن ۾ دستياب آهي ۽ چيو ته اها صحيح رخ ۾ گامزن آهي. هن ٻڌايو ته ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستاني شهرين ان نظام ۾ گهري دلچسپي ورتي. هن ياد ڏياريو ته گذريل ٻن سالن ۾ شروع ڪيل سمورين اسڪيمن تي ماڻهن جو ردعمل ذڪر جوڳو هو. هن شرعي ڪمپلائنس جي نظام تحت زراعت ۽ ننڍي ۽ وچولي درجي ??ي ڪاروباري ادارن (ايس ايم ايز) جي ??عبن جي لاءِ مصنوعات کي ڊيزائن ??رڻ تي پڻ زور ڏ??و ته جيئن انهن شعبن سان واڳيل ماڻهن کي سهولت فراهم ڪري سگهجي. ان موقعي تي خطاب ڪندي مفتي نجيب چيو ته اسلامي بئنڪاري کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ پوري دنيا ۾ ڪوششون جاري آهن. مفتي نجيب اها تجويز پڻ ڏني ته اسلامي بئنڪاري کي ملڪ جي ??عليمي نصاب ۾ شامل ڪيو وڃي. هن اسلامي بئنڪاري ۽ حلال انڊسٽري جي فروع بابت عوام ۾ شعور پيدا ??رڻ جي لاءِ قدم کڻڻ جي ??رورت تي ز??ر ڏ??و.