اسلام آباد – 19 – سيپٽمبر (اي پي پي) پا??ست??ن ۾ جرمني ج?? سفير برنارڊ چيو آهي ته افغانستان ۾ استحڪام، امن ۽ ترقي ج?? لاءِ دوحه امن عمل کي اڳتي وڌائڻ ۾ پا??ست??ن جو ڪردار ساراهه جوڳو آهي، جنهن کي آمريڪا سميت عالمي برادري تسليم ڪيو آهي، افغانستان ۾ هڪ ٺوس حڪومت امن ۽ استحڪام جي لاءِ تمام ضروري آهي. پريس ريليز موجب هن چيو ته آمريڪا ۽ عالمي برادري پا??ست??ن جي ڪردار کي تسليم ڪيو آهي ۽ جرمني به ان مثبت ڪردار کي ساراهي ٿو. هن ان اعتماد جو اظهار ڪيو ته پا??ست??ن مستقبل ۾ به افغانستان ۾ تعميري ڪردار ادا ڪندو رهندو. هن چيو ته پا??ست??ن طالبان کي باور ڪرائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي ته هو افغانستان ۾ هڪ اتحادي حڪومت جوڙين. هن چيو ته پا??ست??ن کي خطي ۾ پنهنجي اهميت ۽ ڪردار جو چڱي ريت اندازو آهي. جرمن سفير چيو ته ڪابل ۾ سڀني ڌڙن تي ٻڌل هڪ ٺوس حڪومت هن ملڪ ۾ امن ۽ استحڪام جي لاءِ تمام ضروري آهي. افغانستان جي پاڙيسري ملڪن جي ڪردار بابت هڪ سوال تي جرمني ج?? سفير چيو ته انهن مان ڪو به افغانستان ۾ عدم استحڪام نه ٿو چاهي ڇو ته اهو سياسي تباهي ج?? ڪارڻ ثابت ٿيندو. هن چيو ته جيڪڏهن ڪجهه ملڪن جا مفاد ۽ تناظر مختلف آهن جيڪي قابل فهم آهن پر سڀ حقيقي معنيٰ ۾ سمجهن ٿا ته افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام سڄي خطي ج?? مفاد ۾ آهي. جرمني ج?? پرڏيهي وزير هيڪوماس جي تازي پا??ست??ن جي دوري بابت هڪ سوال جي ج??اب ۾ سفير چيو ته سندس دورو پا??ست??ن سان گڏيل لاڳاپن ۽ خطي ۾ جاري صورتحال ??شم??ل افغانستان بابت هو.