اسلام آباد – پهرين – آڪٽوبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدو?? شاهه محمود قريشي چيو آهي ته پاڪستان، ڊينمارڪ سان ٻطرفي لاڳاپن کي خصوصي اهميت ڏي ٿو، ا??غا??ستان ۾ انساني ۽ معاشي بحران کي منهن ڏيڻ لاءِ عالمي برادري ا??غا?? عوام جي مدد لاءِ ٺوس قدم کڻي. پاڪستان ۽ ڊينمار?? جي وچ ۾ وفدن جي سطح تي ڳالهيون پرڏيهي وزارت ۾ منعقد ٿيون، پاڪستاني وفد جي قيادت پرڏيهي وزير مخدو?? شاهه محمود قريشي جڏهن ته ڊينش وفد جي قيادت ڊينمار?? جي پرڏيهي وزير يپي ڪوفو ڪئي.
ڳالهين ۾ ٻه طرفي لاڳاپن، ا??غا??ستان جي اڀرندڙ صورتحال سميت گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستان، ڊينمارڪ سان ٻطرفي لاڳاپن کي خاص اهميت ڏي ٿو، هن چيو ته جي ايس پي پلس اسٽيٽس جي حوالي سان پاڪستان جي مدد تي اسان ڊينمارڪ جا ٿورائتا آهيون. اسان ٻاهرين سيڙپڪارن کي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري لاءِ ڪيتريون ئي پُرڪشش مراعتون ڏئي رهيا آهيون، جڏهن ته ڪاروبار ۾ آسائشن جي حوالي سان پاڪستان جي عالمي درجا بندي ۾ بهتري آئي آهي.
شاهه محمود قريشي چيو ته ڊينس ڪمپنيون پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي ذر??عي انهن مراعتن مان فائدو کڻي سگهن ٿيون، هن چيوته پاڪستان ۽ ڊينمار?? جي وچ ۾ قابل تجديد توانائي ۽ موسمياتي تبديلي جي حوالي سان ٻطرفي تعاون جو فروغ واکاڻ جوڳو آهي، ٻنهي ملڪن جي پارليامينٽ ۾ پاڪستان ۽ ڊينمارڪ پارلياماني فرينڊشپ گروپس جي موجودگي، پارليماني راب??ن جي فروغ جو سبب آهي، پرڏيهي وزير ا??غا??ستان جي صورتحال جي حوالي سان چيو ته اسان هڪ هزار کان وڌيڪ ڊينس شهرين کي ڪابل مان محفوظ طريقي سان نڪرڻ ۾ مدد فراهم ڪئي، مون کي خوشي آهي ته ا??غا??ستان جي حوالي سان اسان جي موقف ۾ هم آهنگي آهي،
هن چيو ته ا??غا??ستان ۾ تازي تبديلي جي دوران رتوڇاڻ ۽ خانه جنگي جو نه هجڻ مثبت رخ آهي، عالمي برادري ا??غا??ستان ۾، پاڪستان وانگر اجتماعي?? جي حامل حڪوم?? جي خواهشمند آهي،پرڏيهي وزير چيو ته ضرروت ان ڳالهه جي آهي ته ا??غا??ستان ۾ جنم وٺندڙ انساني ۽ معاشي بحران کي منهن ڏيڻ لاءِ عالمي برادري ا??غا??ستان جي مدد لاءِ ٺوس قدم کڻي، اقتصادي بحران سبب دهشتگرد گروهن کي ا??غا??ستان ۾ قدم ڄمائڻ جو موقعو ملندو. شاهه محمود قريشي پاڪستان ۾ سيڪيورٽي جي صورتحال ۾ بهتري جي ڏس ۾ ڊينش هم منصب سان ٽريول ايڊوائيزري تي نظرثاني جو مطالبو ڪيو. ڊينش پرڏيهي وزير ڊينش شهرين جي ڪابل مان محفوظ طريقي سان نڪرڻ ۾ مدد تي پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي ۽ پاڪستاني قيادت جو ٿورو ادا ڪيو.