ڪابل -11آڪٽوبر (اي پي پي) افغانستان جي پرڏيهي وزارت آمريڪا طرفان افغانستان کي انساني بنيادن تي امداد فراهم ڪرڻ تي راضپو ظاهر ڪرڻ جي آ??يا?? ڪندو چيو آهي ته انساني بنيادن تي امداد کي سياسي مسئلن سان ڳنڍڻ نه گهرجي. طالبان جي ترجمان ذبيح الله مجاهد پرڏيهي وزارت جي حوالي سان پنهنجي ٽوئيٽ ۾ چيو ته اماراتي اسلامي افغانستان ۽ آمريڪا وچ ۾ ٻن ڏينهن جون ڳالهيون سٺيون رهيون ۽ ان دوران مختلف سياسي مسئلن تي تفصيلي طور غور ويچار ڪيو ويو. هن چ??و ته افغانستان مسئلي جي حل لاءِ دوحه معاهدي تي مڪمل عملدرآمد کي بهترين رستو قرار ڏنو ۽ چيو ته انساني امداد کي سياسي مسئلي سان ڳنڍڻ نه گهرجي. هن چ??و ته آمريڪي نمائندن افغان شهرين کي امداد فراهم ڪرڻ ۽ ٻين تنظيمن کي امداد جي فراهمي ڪرڻ لاءِ سهولت فراهم ڪرڻ تي راضپو ظاهر ڪيو جنهن جو اماراتي اسلامي افغانستان آ??يا?? ڪئي آهي. هن چ??و ته افغانستان شفاف بنيادن تي ضرورتمند ماڻهن کي امداد جي فراهمي ۾ سهڪار ڪندو. پرڏيهي شهرين جي واپسي ۾ مدد فراهم ڪندو. هن چ??و ته آمريڪا سان ٿيل ڳالهين دوران سمورن لاڳاپيل مسئلن تي غور ويچار ڪيو ويو ۽ افغانستان کي بهتر رياست بڻائڻ لاءِ سفارتي ناتن جي بحالي لاءِ ڪوششون تيز ٿيڻ گهرجن. هن چ??و ته آمريڪا سان ڳالهين کي هڪٻئي کي سمجهڻ جو بهترين موقعو سمجهون ٿا ۽ ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ويو ته جي??ڏه?? ضرورت پئي ته مستقبل ۾ ان قسم جون ڳالهيون وڌيڪ منعقد ڪيون وينديون.