اسلام آباد – 03 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ملڪ جي 13 ڪروڙ ماڻهن جي لاءِ اٽي، گيهه ۽ دال تي 30 سيڪڙو سبسڊي رکندڙ 120 ارب رپيا ماليت جو تاريخي ريليف پئڪيج پيش ڪندي چي?? آهي ته حڪومت مهانگائي تي ضابطو آڻڻ جي لاءِ پوري ڪوشش ڪري رهي آهي، عالمي سطح تي مهانگائي ۾ 50 سيڪڙو جي ڀيٽ ۾ پاڪستان ۾ اها شرح رڳو 9 سيڪڙو آهي، اقتصادي انگ اکر صحيح رخ ۾ گامزن آهن، مافياز چوري ڪيل پئسو واپس آڻي، واعدو ڪريان ٿو ته مهانگائي ۾ 50 سيڪڙو گهٽتائي ڪندس، ڪامياب پاڪستان پروگرام جي لاءِ 1400 ارب رپيا رکيا پيا وڃن، هر خاندان مان هڪ شخص کي هنرمند بڻايو ويندو، 60 لک تعليمي وظيفن جي لاءِ 47 ارب رپيا رکيا پيا وڃن، روانگي واپار، زراعت ۽ تعميرات جي شعبي کي ڪورونا دوران بچايو ويو، ميڊيا انصاف ۽ غيرجانبداري تي ٻڌل تعميري تنقيد ڪري. قوم کي خطاب ڪندي وزيراعظم عمران خان چي?? ته فلاحي رياست طرف قدم وڌائيندي پاڪستان جي تاريخ جو سڀ کان وڏو فلاحي پروگرام عوام آڏو رکي رهيو آهيان، احساس جي ٽيم ٽن سالن جي محنت سان انگ اکر گڏ ڪري ملڪ جي هر خاندان جي حالتن کان آگاهي حاصل ڪئ??، اهو مشڪل ڪم هو، هاڻي ان بنياد تي ان فلاحي پروگرام جو اعلان ڪيو پيو وڃي. وزيراعظم چي?? ته اسان کي ورثي ۾ جيڪو پاڪستان مليو ان ۾ ملڪ جون معاشي حالتون انتهائي خراب هيون، پاڪستان جي تاريخ جو سڀ کان وڏو خسارو ۽ قرض مليو، پرڏيهي ناڻي جا ذخيرا نه هجڻ جي برابر هئا ۽ قرض ادا ڪرڻ جي لاءِ رقم نه هئي، سعودي عرب، گڏيل عرب امارات ۽ چي?? جا ٿورا مڃون ٿا، جن تعاون ڪيو، مشڪل حالتن ۾ پاڪستان جي مدد ڪئ?? جنهن جي ڪري پاڪستان ڊيفالٽ ٿيڻ کان بچي ويو، ڊالرز جي کوٽ جي ڪري آءِ ايم ايف وٽ وڃڻو پيو. وزيراعظم چي?? ته پنهنجي حڪومت جي پهرين سال اسان پنهنجي معيشت کي مستحڪم ڪندا رهياسين پوءِ ڪورونا وبا اچي وئي، ان سان جيترو نقصان ٿيو، ايترو سئو سالن ۾ به نه ٿيو، ان سان سڄي دنيا متاثر ٿي، غريب امير سمورا ملڪ متاثر ٿيا جڏهن ته غريب ملڪن تي ان جو وڌيڪ اثر پيو. هن چي?? ته ان مشڪل مرحلي ۾ اين سي او سي جي ٽيم جهڙي طرح انگن اکرن تي ٻڌل فيصلا ڪيا، پاڪستان جي معيشت کي بچائڻ ۾ ان جو وڏو ڪردار هو. هن چي?? ته ان دوران اسان کي هڪ خوف اهو هو ته جيڪڏهن حالتون بدتر ٿينديون ويون ته ڀارت وانگر اسپتالن ۾ اسان کي جڳهه نه ملندي جڏهن ته لاڪ ڊائون سان معيشت جي تباهي جو خوف هو، پاڪستان ان صورتحال ۾ وچولو رستو ڪڍيو جنهن ۾ اين سي او سي جو وڏو ڪردار هو. وزيراعظم چي?? ته اسان کي فخر آهي ته پاڪستان پاران بهترين طريقي سان ان مرحلي مان نڪرڻ تي عالمي سطح تي اسان جو اعتراف ڪيو ويو، عالمي بئنڪ، صحت جي عالمي اداري ۽ ورلڊ اڪنامڪ فورم پاڪستان جو مثال ڏنو، اڪنامڪ ميگزين بهترين طريقي سان حالتون معمول تي آڻڻ وارو ٽيون ملڪ پاڪستان کي قرار ڏنو. هن چي?? ته آمريڪا لاڪ ڊائون سان معيشت کي ڪڍڻ لاءِ چار هزار ارب ڊالر جو پئڪيج ڏنو جڏهن ته پاڪستان ان جي ڀيٽ ۾ رڳو 8 ارب ڊالر لڳايا. هن چي?? ته اسان کي خوف هو ته جيڪڏهن لاڪ ڊائون لڳايو ويو ته ان سان بيروزگاري ۾ اضافو ٿيندو ۽ غربت وڌندي، اسان انهي لاءِ لاڪ ڊائون کان ڊڄندا رهياسين. وزيراعظم چي?? ته اسان ڪورونا وبا دوران زراعت، تعميرات، روانگي واپار کي خاص طور تي بچايو جنهن جي ڪري چانور جي پيداوار ۾ 13.6 سيڪڙو، مڪئي 8 سيڪڙو، ڪمند 22 سيڪڙو، ڪڻڪ 8 سيڪڙو ۽ ڪپهه جي پيداوار ۾ 81 سيڪڙو اضافو ٿيو جنهن سان زراعت جي آبادگارن کي 1100 ارب رپيا اضافي مليا، آبادگارن جون حالتون بهتر ٿيون. ملڪ ۾ ٽريڪٽر ۽ موٽرسائيڪل جي ريڪارڊ سيل ٿي، يوريا جي سيل 23 سيڪڙو وڌي. وزيراعظم چي?? ته جيڪڏهن آبادگار خوشحال ٿيندو ته ان سان ملڪي پيداوار وڌندي ۽ خوشحالي ايندي. وزيراعظم تعميرات جي شعبي جو حوالو ڏيندي چي?? ته ان شعبي ۾ هن وقت 600 ارب رپين جا منصوبا هلي رهيا آهن، صنعت جي شعبي ۾ لارج اسڪيل مينوفيڪچرنگ ۾ 13 سيڪڙو اضافو ٿيو جنهن سان روزگار وڌيو، انجنيئرنگ جي شعبي ۾ 350 ارب رپين جو منافعو ٿيو، ٽيڪسٽائيل جي شعبي ۾ 163 سيڪڙو، گاڏيون 138 سيڪڙو، سيمنٽ 113 سيڪڙو ۽ آئل ۽ گئس ۾ 75 سيڪڙو اضافو ٿيو. هن چي?? ته ملڪ ۾ بجلي جي کپت ۾ 13 سيڪڙو اضافو ٿيو جڏهن ته ٽيڪس اوڳاڙين ۾ 37 سيڪڙو اضافو ٿيو، اسان جا معاشي انگ اکر صحيح رخ ۾ وڃي رهيا آهن، آءِ ٽي جي شعبي ۾ گذريل سال 47 سيڪڙو جڏهن ته هن سال 75 سيڪڙو اضافو ٿيو، وزيراعظم اعتراف ڪيو ته مهانگائي جو مسئلو آهي. مخالف ڌر جو ڪم تنقيد ڪرڻ آهي، تنقيد سان معاشري جو فائدو ٿئي ٿو. هن ميڊيا کي چي?? ته اها توازن آڻي ۽ اهو ڏسي ته ملڪ ۾ جيڪا مهانگائي ٿي رهي آهي ان جو سبب عالمي سطح تي قيمتن ۾ اضافو آهي، بلوم برگ جي رپورٽ موجب دنيا ۾ هڪ سال ۾ کاڌي پيتي جي شين جي قيمتن ۾ 50 سيڪڙو اضافو ٿيو جڏهن ته پاڪستان ۾ اهو اضافو 9 سيڪڙو رهيو، ترڪيءَ جهڙي ملڪ ۾ مهانگائي جي شرح 19 سيڪڙو وڌي، جڏهن ته ان جي ڪرنسي 33 سيڪڙو هيٺ ڪري، آمريڪا جي اندر 2006ع کانپوءِ سڀ کان وڌيڪ مهانگائي ٿي، چي?? ۾ پروڊيوسر پرائس انڊيڪس ۾ 26 سالن ۾ پهريون ڀيرو ايترو اضافو ٿيو، جرمني ۾ 50 سالن ۾ سڀ کان وڌيڪ مهانگائي ٿي. وزيراعظم چي?? ته آمريڪا ۾ گئس 116 سيڪڙو، يورپ ۾ 103 سيڪڙو اضافو ٿيو جڏهن ته پاڪستان ۾ درآمد ڪئ?? ويندڙ گئس جي قيمتن ۾ اضافو ٿيو. وزيراعظم چي?? ته ٻيڙين ۽ سامونڊي جهازن سان جيڪو سامان ٽرانسپورٽ ٿي رهيو هو ان جي قيمتن ۾ 350 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي، تيل جون قيمتون ٽن مهينن ۾ 100 سيڪڙو وڌيون جڏهن ته اسان ان ۾ 33 سيڪڙو اضافو ڪيو. ڀارت ۾ پيٽرول جي قيمت 250 رپيا، بنگلاديش ۾ 200 رپيا جڏهن ته پاڪستان ۾ 138 رپيا في ليٽر آهي، اسان ليوي ۽ ٽيڪس گهٽ ڪيو، عالمي سطح تي ٿيندڙ قيمتن ۾ اضافي ۽ گذريل حڪومتن جي ڪري اسان کي اربين رپين جو نقصان کڻڻو پيو. وزيراعظم چي?? ته تيل درآمد ڪندڙ ملڪن ۾ پاڪستان ۾ في ليٽر قيمتون سڀ کان گهٽ آهن، پيٽرول جون قيمتون وڌائڻيون پونديون نه ته اسان جو خسارو وڌندو، اوڳاڙين ۾ گهٽتائي ايندي. وزيراعظم چي?? ته دنيا جي ڀيٽ ۾ پاڪستان ۾ اٽي جون قيمتون اڌ آهن، ڀارت ۾ اٽو 83 رپيا في ڪلو، بنگلاديش ۾ 83 رپيا في ڪلو جڏهن ته پاڪستان ۾ 60 رپيا في ڪلو آهي. هن چي?? ته دالين جون قيمتون به دنيا جي ڀيٽ ۾ گهٽ آهن، پام آئل جون دنيا ۾ قيمتون ٻيڻيون ٿي ويون، ان جي باوجود اسان ڪوشش ڪئ?? ته گهٽ کان گهٽ دٻاءُ عوام تي منتقل ٿئي. وزيراعظم اميد ظاهر ڪئ?? ته سرديءَ جي موسم کانپوءِ بهتري سان دنيا ۾ قيمتون گهٽ ٿينديون جنهن جو اثر پاڪستان تي پڻ پوندو. وزيراعظم ٻه ڪروڙ خاندانن جي لاءِ 120 ارب رپين جي تاريخي فلاحي پروگرام جو اعلان ڪيو جنهن سان 13 ڪروڙ ماڻهو فائدو کڻندا. وزيراعظم چي?? ته احساس پروگرام تحت 260 ارب رپين جا مختلف پروگرام هلي رهيا آهن، ڪامياب پاڪستان پروگرام تحت 1400 ارب رپيا رکيا ويا آهن جنهن تحت 40 لک خاندانن کي گهرن جي تعمير لاءِ بنا وياج جي قرض ڏنا ويندا، آبادگارن کي 5 لک رپين تائين بنا وياج جي قرض ملندو، شهري علائقن ۾ ڪار??با?? جي لاءِ قرض فراهم ڪيو ويندو، هڪ خاندان مان هڪ شخص کي هنرمندي جي تربيت ڏني ويندي. وزيراعظم چي?? ته ڪامياب جوان پروگرام تحت 22 هزار ڪار??با?? جي لاءِ 30 ارب رپين جو قرض ڏنو ويو آهي، 20 لک ماڻهن کي هنرمندي جي تعليم ڏئي رهيا آهيون، پاڪستان جي تاريخ جي سڀ کان وڏي 60 لک تعليمي اسڪالرشپ پروگرام جي لاءِ 47 ارب رپيا خرچ ڪيا ويندا، ان ۾ صوبا به شامل هوندا. وزيراعظم عمران خان صحت ڪارڊ جي حوالي سان چي?? ته منهنجي شروع کان اها خواهش هئي ته جيڪڏهن مون کي موقعو مليو ته هر پاڪستاني جي لاءِ هيلٿ انشورنس فراهم ڪئ?? ويندي، هن وقت خيبرپختونخواهه ۾ 100 سيڪڙو خاندانن کي اها سهولت ڏني پئي وڃي، اسلام آباد، گلگت بلتستان ۽ آزاد ڪشمير ۾ اها سهولت ڏني پئي وڃي، پنجاب ۾ مارچ 2022ع تائين هر خاندان کي اها سهولت ميسر هوندي جنهن سان 7 کان 10 لک رپين تائين ڪنهن به اسپتال ۾ مفت علاج ڪرائي سگهبو. وزيراعظم سنڌ حڪومت کي چي?? ته اهو پروگرام هڪ وڏي نعمت آهي، ان کي سنڌ ۾ به شروع ڪيو وڃي. وزيراعظم صنعتڪارن کي چي?? ته اهي پنهنجي نفعي ۾ مزدورن کي به شامل ڪن ۽ انهن جي پگهارن ۾ اضافو ڪن. وزيراعظم احساس ٽيم کي مبارڪباد ڏيندي ميڊيا کي اپيل ڪئ?? ته اها قوم کي ٻڌائي ته مشڪل وقت رڳو پاڪستان ئي نه پر پوري دنيا ۾ آهي، اسان تي الله جو خاص ڪرم آهي. وزيراعظم چي?? ته جيڪڏهن ٻه وڏا خاندان 30 سالن کان جيڪو پئسو چوري ڪري ٻاهرئين ملڪ کڻي ويا آهن ان مان اڌ به واپس آڻين ته ملڪ ۾ کاڌي پيتي جي شين جي قيمتن ۾ 50 سيڪڙو گهٽتائي ڪندس. ٻئي طرف وزيراعظم آفيس پاران پئڪيج جي حوالي سان جاري تفصيل موجب قيمتن ۾ تازي اضافي جي ڏس ۾ غريبن کي ريليف فراهم ڪرڻ جي لاءِ ان پروگرام جو اعلان ڪيو ويو آهي. تازو ئي مڪمل ٿيندڙ احساس سروي جي ذريعي شناخت ڪيل اٽڪل 20 ملين خاندان ان پروگرام مان فائدو کڻندا. مجموعي طور تي سڄي ملڪ جا 13 ڪروڙ ماڻهو ان پروگرام مان فائدو کڻندا جيڪو آبادي جو 53 سيڪڙو آهي. گذريل ڏينهن وفاقي ڪابينا ان پروگرام کي پوري پاڪستان ۾ شروع ڪرڻ جي منظوري ڏني هئي. جيتوڻيڪ عالمي منڊي ۾ قيمتن ۾ اضافي جي ڪري گهريلو خرچن ۾ اضافو ٿيو آهي، تنهن هوندي به ناڻي واڌ تي ضابطو آڻڻ حڪومت جي اهم پاليسي جو حصو آهي. ٻڌايو ويو ته اٽي، دالين، گيهه/ کاڌي جي تيل جي خريداري تي 20 ملين خاندانن مان هر هڪ کي 1000 رپيا ماهوار جي سبسڊي فراهم ڪئ?? ويندي. انهن ٽنهي شين جي خريداري تي 30 سيڪڙو سبسڊي في يونٽ ڏني ويندي. ڊيجيٽل طريقيڪار ذريعي رعايت تي ضروري شين جي خريداري جي لاءِ مالي مدد فراهم ڪري سگهبي. احساس نيشنل بئنڪ آف پاڪستان (اين بي پي) سان گڏجي ڊيجيٽل طور تي فعال م??با??يل پوائنٽ آف سيل سسٽم تيار ڪيو آهي ته جيئن سڄي ملڪ ۾ اين بي پي جي نامزد ڪيل ڪريانه اسٽورز جي نيٽ ورڪ جي ذريعي فائدو کڻندڙ ماڻهن کي خدمتون فراهم ڪري سگهجن. وفاقي حڪومت ۽ سمورن شريڪ وفاقي يونٽس 65/35 جي تناسب سان مالي وسيلن جي حصيداري ڪندا. پنجاب، خيبرپختونخواهه، گلگت بلتستان ۽ آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جون حڪومتون اڳ ۾ ئي ان پروگرام ۾ شرڪت تي رضامند ٿي چڪيون آهن. ٻين وفاقي ڌرين ۾ سبسڊي جو وفاقي حصو 350 رپيا هر اهل خاندان کي ڏنو ويندو.