ڪوئيٽا – 16 – نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته اسلامي فلاحي رياست پهرين ڏينهن کان ئي پي ٽي آءِ جي منشور جو حصو آهي، غريب ۽ پيڙهيل طبقي جي لاءِ شروع ڪيل احساس پروگرام تحت مستحق خاندانن کي في خاندان 12 هزار رپيا ورهايا ويا آهن، ان ۾ بلوچستان سان تعلق رکندڙ 3 لک 38 هزار غريب خاندان به شامل آهن، عورتون کي معاشي لحاظ کان مستحڪم بڻائڻو پوندو ته جيئن اهي ملڪي ترقي جي عمل ۾ سڌوسنئون پنهنجو ڪردار ادا ڪري سگهن. صدر اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪوئيٽا ۾ احساس ڪفالت ڪيش ۽ احساس انڊر گريجوئيٽ اسڪالرشپ سرٽيفڪيٽس ورهائڻ جي حوالي سان تقريب کي خطاب ڪ??دي ڪيو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته ڪورونا وائرس جي عالمي وبا دوران وزيراعظم عمران خان معاشري جي ڪمزو?? طبق?? جي مشڪلاتن کي نظر ۾ رک??دي مڪمل لاڪ ڊائو?? جي مخالفت ڪئي ۽ ان فيصلي سان غريب ۽ مزدو?? طبقي کي مالي طور تي مشڪلاتن کان بچايو. هن چيو ته لاڪ ڊائون دوران احساس پروگرام تحت 12 ??رو?? خاندانن ۾ 200 ارب رپيا ورهايا ويا. صدر چيو ته حڪومت جي مثبت قدم?? جي ڪري ملڪي معيشت ۾ بهتري اچي رهي آهي ۽ ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته پيڙهيل طبقن کي مٿي آڻڻ جي لاءِ قدم کنيا وڃن. هن چيو ته عورتن کي احساس ڪيش پروگرام تحت رقم جي ادائيگي بئنڪ اڪائونٽ ذريعي ڪرڻ جي لاءِ ڪوششون ڪيون پيون وڃن. هن چيو ته عورتن کي معاشي لحاظ کان مستحڪم بڻائڻو پوندو ته جيئن اهي ملڪي ترقي جي عمل ۾ سڌوسنئون پنهنجو ڪردار ادا ڪري سگهن. انفارميشن ٽيڪنالاجي جي حوالي سان صدر جو چوڻ هو ته پاڪستا?? جي ترقي جو دارومدار آءِ ٽي جي شعبي جي فروغ تي آهي. شاگردن کي اسڪالرشپ ڏيڻ جو مقصد تعليم ۾ برابري آڻڻ آهي، دنيا آءِ ٽي ۾ تمام گهڻو ڪم ڪيو، اسان کي موجوده حالتن کي نظر ۾ رکي آءِ ٽي شعبي تي ڌيان ڏيڻو پوندو. هن يونيورسٽيز جي وائيس چانسلرز تي زور ڏي??دي چيو ته اهي انفارميشن ٽيڪنالاجي بابت سليبس کي جديد دور جي گهرجن ۽ مارڪيٽ جي ضرورتن موجب بڻائين ته جيئن اسان جا گريجوئيٽس به اڳتي وڌي آءِ ٽي جي شعبي ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪن. صدر چيو ته خصوصي ماڻهو معاشري جو اهم حصو آهن ۽ انهن کي هنرمند بڻائڻ جي لاءِ قدم?? جي ضرورت آهي، جنهنس ان خصوصي ماڻهو پنهنجي آمدني جو بندوبست ڪري سگهندا. صدر چيو ته ڪامياب جوان پروگرام ذريعي عورتون به قرض?? جي سهولت مان فائدو کڻي سگهن ٿيون. تقريب کي بلوچستا?? جي گورنر سيد ظهور احمد آغا ۽ بي آءِ ايس پي بلوچستا?? جي ڊائريڪٽر جنرل عبدالجبار پڻ خطاب ڪيو. ان کان اڳ صدر شاگردن ۽ شاگردياڻين ۾ احساس انڊر گريجوئيٽ اسڪالرشپ سرٽيفڪيٽس ۽ مستحق عورتن ۾ احساس ڪفالت پروگرام تحت روڪ رقم ورهائي.