اسلام آباد – 18 ڊسمبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته پاڪستان ان??ونيشيا سان اسٽريٽجڪ حصيداري جو خواهشمند آهي. اها ڳالهه هن او آءِ سي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي غيرمعمولي اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ پاڪستان جي دوري تي آيل ان??ونيشيا جي پنهنجي هم منصب ريتنو مرسودي سان ڳالهائيندي چئي جنهن پرڏيهي وزارت ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات دوران ٻطرفن لاڳاپن، علائقائي صورتحال سميت گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستان ۽ ان??ونيشيا جي وچ ۾ گهرا ڀائراڻا لاڳاپا آهن. پاڪستان ان??ونيشيا سان اسٽريٽجڪ حصيداري جو خواهشمند آهي. پرڏيهي وزير عورتن جي حقن جي لاءِ موثر آواز اٿارڻ تي ان??ونيشيا جي پرڏيهي وزير کي مبارڪباد ڏني. پاڪستان ۽ ان??ونيشيا جي وچ ۾ عوام جي سطح تي رابطن جي فروغ ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ اعليٰ سطحي وفدن جي مٽاسٽا جي ضرورت تي زور ڏنو. هن چيو ته پاڪستان ان??ونيشيا سان واپار، سياحت ۽ سيڙڪاري جي شعبن ۾ ٻطرفو تعاون وڌائڻ جو خواهشمند آهي. پاڪستان ۽ ان??ونيشيا جي وچ ۾ سياحت ۽ واپار جي فروغ لاءِ ويزا حاصل ڪرڻ ۾ سهولت جي فراهمي فائديمند ثابت ٿي سگهي ٿي. هن چيو ته اسان ڪشمير مسئلي جي حوالي سان او آءِ سي جي مسلسل ۽ اڻٿڪ حمايت تي او آءِ سي جا ٿورائتا آهعام_کے_ساتھ_کھیلیں/44988.html">يون. ان??ونيشيا جي پرڏيهي وزير محترمه ريتنو مرسودي شاندار استقبال ۽ پرخلوص ميزباني تي پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي جا ٿورا مڃيا.