ڪراچي – 30 ڊسمبر (اي پي پي) خاتون اول بيگم ثمينه عارف چيو آهي ته موجوده حڪومت عوام کي صحت جون بهترين خدمتون فراهم ڪرڻ تي ڀرپور ڌيان ڏئي رهي آهي، شاگرد پنهنجي پڙهائي جي عملي رخن ۽ دائري ڪار تي هڪجهڙو ڌيان ڏين ته جيئن تعليم مڪمل ڪرڻ کانپوءِ کين ملازمتون ملي سگهن، اقرا ??ونيورسٽي جي انتظاميه عوامي آگاهي جي لاءِ گهٽ مراعته يافته علائقن ۾ به صحت ب??بت آگاهي ڪيمپ لڳائي. اهڙن خيالن جو اظهار هن اقرايونيورسٽي نارٿ ڪيمپس جي شاگردن ۽ فيڪلٽي ميمبرن سان يونيورسٽي جي اهتمام هيٺ جسمان?? تندرستي جي حوالي سان پوسٽر سازي مقابلي جي موقعي تي خطاب ڪندي ڪيو. خاتون اول بيگم ثمينه عارف علوي پوسٽر سازي مقابلي جي انعقاد تي شاگردن، فيڪلٽي ميمبرن ۽ اقرا ??ونيورسٽي جي انتظاميه کي ساراهيو. هن چيو ته شاگردن جي تيار ڪيل پوسٽرز معلوماتي آهن، صحت ۽ تندرستي جي باري ۾ آگاهي جي حوالي سان وڌيڪ مفيد ٿي سگهن ٿا. هن چيو ته ان قسم جي پوسٽرز کي اسڪولن ۾ به لڳائڻ گهرجي ڇو ته اهي شاگردن ۾ جسمان?? تندرستي کي برقرار رکڻ لاءِ احتياطي تدبيرن جي باري ۾ بيداري پيدا ڪرڻ جي لاءِ وڌيڪ مفيد ثابت ٿيندا. هن شاگردن جي مسڪرائيندڙ چهرن کي ڏسي خوشي جو اظهار ڪندي چيو ته ان مان انهن جي پڙهائي ۾ جوش ۽ دلچسپي ظاهر ٿئي ٿي. بيگم ثمينه عارف علوي اقرا ??ونيورسٽي جي شاگردن کي به مشورو ڏنو ته هو خصوصي ٻارن ۾ بهترين صحت ب??قرار رکڻ لاءِ احتياطي تدبيرن جي باري ۾ آگاهي پيدا ڪرڻ لاءِ به ڪم ڪن. خاتون اول بيگم ثمينه عارف علوي چيو ته معذو?? ٻارن کي به اسان سڀني جي تعاون جي ضرورت آهي، مختلف صلاحيتون رکندڙ ٻار به عام زندگي گذارڻ ۽ معاشري جو ڪارآمد شهري بڻجڻ لاءِ همدردي حاصل ڪرڻ جا مستحق آهن. خاتون اول چيو ته اقرا ??ونيورسٽي جي انتظاميه عوام ۾ آگاهي پيدا ڪرڻ لاءِ گهٽ مراعته يافته علائقن ۾ به صحت ب??بت آگاهي ڪيمپ لڳائي. هن چيو ته موجوده حڪومت عوام کي صحت جون بهترين خدمتون فراهم ڪرڻ لاءِ به ڀرپور ڌيان ڏئي رهي آهي. ان کان اڳ هن پوسٽر سازي مقابلي جو جائزو ورتو ۽ شرڪت ڪندڙن جي تيار ڪيل پوسٽرز ۾ گهري دلچسپي ورتي، ان موقعي تي اقرا ??ونيورسٽي پاران خاتون اول بيگم ثمينه عارف علوي کي شيلڊ به پيش ڪئي وئي، ان کانپوءِ بيگم ثمينه عارف علوي پوسٽر مقابلي جي فاتح ۽ رنراپ کي شيلڊز ڏنيون.