اسلام آباد – 26 جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مم??ڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته ڪووڊ – 19 جي عالمگير وبا ۽ عالمي سطح تي 10 سالن جي سڀ کان وڌيڪ مهانگائي سميت ٻين معاشي چئلينجن جي باوجود پائيدار ترقي جي 5.37 سيڪڙو شرح حڪومت جي ڪاميابي آهي، هلندڙ مالي سال جي پهرين ٽه ماهي ۾ روانگي واپار، ??يڪ?? وصولي، جنسن جي پيداوار ۾ رڪارڊ اضافو ٿيو آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ مم??ڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته مالي سال جي پهرين ٽه ماهي ۾ آءِ ٽي روانگي واپار 35.8 سيڪڙو، ايف بي آر ??يڪ?? وصولي 32.4 سيڪڙو، اسٽيٽ بئنڪ ريزور 31.8 سيڪڙو، ??يڪ??ٽائيل روانگي واپار 26 سيڪڙو، سروسز روانگي واپار 20.4 سيڪڙو، مٽاسٽا جي ناڻي ۾ 13.3 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي، هن چيو ته ڪپهه، چان??ر، ڪڻڪ، ڪمند ۽ مڪئي جي فصلن جي پيداوار ۾ اضافو ٿيو آهي جنهن سان آبادگارن وٽ اربين رو??ين جي اضافي آمدني ٿي آهي ۽ آبادگارن جي خريداري جي سگهه ۾ اضافو ٿيو آهي.