بيجنگ – 04 فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان جي چين جي دوري جو باقاعده آغاز ٿي ويو آهي، وزيراعظم ڪا??وباري ملاقاتن کانسواءِ ونٽر اولمپڪس جي افتتاحي تقريبن ۾ به شرڪت ڪندو. اها ڳالهه هن وزيراعظم جي دوري جي حوالي سان ڳالهائيندي چئي. چوڌري فواد حسين چيو ته وزيراعظم عمران خان جي چين جي دوري جو باقاعده آغاز ٿي چڪو آهي، اڄ وزيراعظم 18 کان وڌيڪ سيڪٽرز ۾ وڊيو ڪانفرنسز ڪيون. انهن ڪانفرنسز کانپوءِ وزيراعظم عمران خان چين جي سڀ ??ان وڏي ٽي وي چئنل سي جي ٽي اين کي انٽرويو به ڏيندو. چوڌري فواد حسين ٻڌايو ته ڪا??وباري ملاقاتن کانسواءِ وزيراعظم عمران خان پ??هنجي وفد سان گڏ ونٽر المپڪس جي افتتاحي تقريبن ۾ به شرڪت ڪندو. هن چيو ته وزيراعظم پاڪستان جو اهو پهر??ون حڪمران آهي جنهن کي المپڪس ۾ شرڪت جي دعوت ڏني وئي آهي، 20 کان وڌيڪ ملڪي سربراهه ان تقريب ۾ اڄ شرڪت ڪندا.