راولپنڊي – 08 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ۽ آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه نوشڪي بلوچستان جو دورو ڪيو، بلوچستان جو گورنر ۽ وڏو وزير، وفاقي ۽ صوبائي وزير به وزيراعظم سان گڏ هئا. وزيراعظم کي علائقي جي سيڪيورٽي جي صورتحال تي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. پاڪ ف??ج جي عوامي رابطن واري شعبي موجب ان موقعي تي وزيراعظم فوجي دستن سان ڳالهين ۾ پاڪستان جي ??اء?? لازوال قربانيون تي شهيدن ۽ انهن جي خاندانن کي زبردست خراج تحسين پيش ڪيو. وزيراعظم فوجين جي پيشيوراڻي مهارت جي واکاڻ ڪ??ي ۽ آپريشنل تيارين ۽ بهادري کي ساراهيو جنهن سان هنن دهشتگردن جي حملن کي ناڪام بڻايو. وزيراعظم بلوچستان جي ترقي کي سبوتاز ڪرڻ جي ڪوشش ڪندڙ دهشتگردن جي باقيات جي خاتمي ??اء?? هٿياربند فوج جي حمايت جي قومي عزم جو ورجاءُ ڪيو. وزيراعظم چيو ته هڪ جامع قومي ڪوشش، وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن جي وچ ۾ تعاون ۽ هيٿاربند فوج جي مدد سان اسان بلوچستان جي ??قي??ي صلاحيتن کي استعمال ۾ آڻينداسين. ان کانپوءِ وزيراعظم علائقي جي چڱن مڙسن سان به ڳالهه ٻولهه ڪ??ي ۽ دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ انهن جي اڻٽر حمايت ۽ بلوچستان ۾ خوشحالي ۽ ترقي ??اء?? ڪيل حڪومتي قدمن ۾ انهن جي تعاون کي ساراهيو. هن جرڳي جي ميمبرن کي بلوچستان ۾ ترقياتي منصوبن جي وقت سر پڄاڻي ??اء?? مخلصاڻو تعاون جاري رکڻ جو يقين ڏياريو. وزيراعظم زور ڏنو ته بلوچستان جي ترقي اسان جي ترجيح ۽ پاڪستان جي مستقبل ??اء?? انتهائي اهم آهي.