بيجنگ – 16 مئي (اي پي پي) چين ۽ پاڪستان ڪيترن ئي نسلن کان دوست آهن ۽ اها دوستي ماڻهن جي دلين ۾ گهري جڙيل آهي. ٻنهي ملڪن وچ ۾ ٻه طرفا لاڳاپن کي وڌائڻ ۽ عوام وچ ۾ دوستي کي هٿي ڏيڻ ۾ عجائب گهرن جو پڻ خاص ڪردار آگي. گذريل ڏينهن چيني ميڊيا جي رپورٽ م??ابق پاڪستان جو نيشنل ميوزي??، لاهور ميوزيم، ٽيڪسلا ميوزيم، پشاور ميوزيم، ڪيترن ئي چيني ماڻهن لاءِ زبردست دلچسپي رکندڙ هنڌ ??هن. انهن ئي پاڪستاني دوستن لاءِ چين جي فاربڊن سٽي ميوزيم، نيشنل ميوزيم ۽ ڊون هوانگ ميوزيم پڻ چين پاڪستان جي تاريخ بابت اهم هنڌ ??هن. گذريل سال 15 مارچ تي چيني صدر شي جن ڦنگ ”گلوبل سيولائزيشن انيشي ايٽيو“ پيش ڪيو جنهن ۾ ان ڳالهه تي زور ڏنو ??يو ته اس??نکي گڏيل طور تي عالمي تهذيبن جي اوسر جو احترام ڪرڻ گهرجي.