اسلام آباد – 25 آڪٽوبر (اي پي پي) ق??مي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر چيو آهي ته ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي جي قدمن سبب والاريل ڪشمير جي عوام کي شديد خطرا درپيش آهن، پارليامينٽ ڪشميرين جو آواز بڻجندي. پارليامينٽ هائوس ۾ ڪشميرين سان يڪجهتي جي اظهار جي تقريب کي خطاب ڪندي اسپيڪر چيو ته ڪشمير جي صورتحال انتهائي خراب آهي ۽ ڪشميري ڀائر انتهائي مشڪل دو?? مان گذري رهيا آهن، 81 ڏينهن کان جاري مسلسل لاڪ ڊائون سبب دو??ئن ۽ خوراڪ جي شديد کوٽ پيدا ٿ?? چڪي آهي.