ڪوئيٽا – 18 نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر ع??رف علوي چيو آهي ته بلوچستان جي اندر خاص طور تي ۽ پوري پاڪستان جي اندر ع??م طور تي ترقي جا رستا وڏي تيزي سان کلي رهيا آهن، بلوچستان ۾ معدنيات، ماهيگيري ۽ ٻين شعب?? ۾ ??يڙپڪاري جا ت??ام گهڻا موقعا موجود آهن، وزيراعظم عمران خان جي گڏيل قومن ۾ موثر خطاب پوري مسلمان امت جي عڪاسي ڪئي. اه??ن خيالن جو اظهار هن پنهنجي ڪوئيٽا جي دوري جي دوران مقامي هوٽل ۾ بلوچستان جي وڏي وزير ڄام ڪمال خان، بلوچستان جي گورنر امان الله خان ياسين زئي ۽ صوبائي وزيرن سان گڏ صحافين سان ڳالهائي??دي ڪيو. صدر ڊاڪٽر ع??رف علوي چيو ته ڀارت پنهنجي ناپاڪ مقصدن جي ڪري ڌٻڻ ۾ ڦاسندو پيو وڃي ۽ ڀارت جي بزدلاڻي حرڪت تي پاڪ فوج ڀرپور جواب ڏنو آهي.