اسلام آباد – 25 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات واري خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته وفاقي حڪومت طرفان پاڪ فوج جي سربراهه جنرل قمر جاويد باجوه جي ملازمت جي مدي ۾ توسيع بابت ڪيس جي تفصيلي فيصلي تي نظرثاني واري درخواست داخل ڪئي وئي آهي، اپيل ۾ اعلي عدليه جي فيصلي ۾ موجود قانوني جهولن جي نشاندهي ڪئي وئي آهي، نظرثاني اپيل کانپوءِ به پارليامينٽ وارو آ??شن موجود آهي، اي اين ا??ف راڻا ثناءُ الله جي ضمانت جي فيصلي خلاف سپريم ڪورٽ ۾ نظرثاني جي اپيل داخل ڪندي، ميڊيا ۾ ملزم جو نه اي اين ا??ف جو ٽرائل ٿي رهيو آهي، اي اين ا??ف ??هم قومي ادارو آهي ان کي سياست جي ور نه چاڙهيو وڃي، جلالپور ڪينال جي تڪميل سان علائقي ۾ خوشحالي جي نئين لهر ايندي. هو صحافين سان ڳالهائي رهي هُئي.