??سل??م آباد – 10 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته غريب عوام جي تڪليفن تي حڪومت خاموش تماشائي نه ٿي بڻجي سگهي، عوام خاص طور تي غريب ۽ پگهاردار طبقي کي رليف ڏيڻ جي لاءِ حڪومت هر حد تائين ويندي، اڄ اڱاري ڏينهن ڪابينا جي اجلاس ۾ وڏ?? فيصلن جو اعلان ڪيو ويندو. وزيراعظم جي ميڊيا آفيس پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن عوام خاص طور تي غريب ۽ پگهاردار طبقي کي مهانگائي کا?? رليف فراهم ڪرڻ جي حوالي سان اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو.