اسلام آباد – 03 مارچ (اي پي پي) سينيٽ ۾ قائد ايوان سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته اسان سڀ ان ڳالهه تي متفق آهيون ته عمران خان ايماندار شخص آهي ۽ سندس ڪو به ذاتي مفاد نه آهي ۽ نه ئي هن جي ڪنهن سان ڪا ذاتي دشمني ??هي?? نواز شريف پنهنجي بيماري کي پاڻ تڪراري بڻايو ??هي?? سندس پارٽي ۾ به بيچيني پيدا ٿي وئي ??هي?? اسان جون ڪمزوريون ضرور آهن پر حڪومت ۾ ملڪ جي ڪمزور طبقن جي ڀلائي لاءِ آيا آهيون، ان ڳالهه کي ڪنهن به صورت ?? قبول نه ڪيو ويندو ته ڪو ماڻهو پاڪستان جي جهنڊي ۽ رياست خلاف نعرو هڻي، جي??ڏهن ان کي روڪيو ويو ته گهرو ويڙهه ٿيندي، سڀني کي دعوت ڏيون ٿا ته پارليامينٽ ۾ اچي ڳالهائين، جيستائين ادارن ۾ سڌارا نه ايندا تيستائين ملڪ ترقي نه ڪري سگهندو، پاڪستان جلد ايف اي ٽي ايف جي گري لسٽ مان نڪري ايندو. قومي خابرو اداري (اي پي پي) جي هيڊڪوارٽر ۾ هڪ پينل انٽرويو ۾ هن چيو ته هر حڪومت جي خواهش هوندي آهي ته ان جي لاءِ ??يا??ي ۽ سماجي مسئلا نه ٿين.