اسلام آباد – 28 مئي (اي پي پي) هوا بازي واري وفاقي وزير غلام سرور خان چيو آهي ته 22 مئي 2020ع تي لاهور کان ڪراچي ويندڙ اڏام کي لينڊنگ دوران پيش ايندڙ افسوسناڪ سانحي جي تحقيقات پاڪ فضائيه جي سينئر آفيسرن جي سربراهي ۾ جوڙيل بورڊ ڪري رهيو آهي، سانحي جي شروع??تي رپورٽ 22 جون تي پارليامينٽ ۽ قوم جي سامهون پيش ڪئي ويندي، جهاز حادثي ۾ 99 مسافر ۽ ڪاڪ پٽ عملو سوار هو جنهن مان 97 شهيد ٿيا ۽ 2 معجز??تي طور تي محفوظ رهيا جنهن جي حالت خطري کان ٻاه?? آهي، 51 ميتون ڊي اين ??ي شناخت کانپوءِ وارثن جي حوالي ڪيون ويون آهن، باقي ميتون شناخت جي مرحلي ۾ آهن جنهن ??ي جلد مڪمل ڪيو ويندو، جاچ رپورٽ سامهون اچڻ تي ذميدارن جي خلاف ڪارروائي ٿيندي ڪنهن سان ڪا به رعايت نه ڪئي ويندي، شروع??تي رپورٽ سامهون اچڻ تائين ميڊيا فني رخن تي غير ضروري تبصري کان پاسو ڪري. اهڙن خيالن جو اظهار هن پريس انفارميشن ڊپارٽمينٽ ۾ پريس ڪانفرنس جي دوران ڪيو.