ڪراچي – 10 سيپٽمبر (اي پي پي) ايوان صدر ۾ بجلي جو نظام شمسي توانائي تي منتقل ڪرڻ جي لاءِ ايوان صدر جي انتظاميه ۽ نجي ڪمپني جي وچ ۾ مفاهمت جي يادداشت تي صحيحون ٿيون، صدر ڊاڪٽر عارف عل??ي ڪراچي ۾ ٿيندڙ مفاهمتي يادداشت تي صحيحن جي تقريب ۾ موجود هو، صحيحون نجي ڪمپني جي سي اي او شميم احمد ۽ ايوان صدر جي پراجيڪٽ ڊائريڪٽر شاهد شوڪت ڪيون، ايوان صدر جي بجلي جي نظام کي شمسي توانائي تي منتقل ڪرڻ سان بجلي جي بل جي مد ۾ ادا ٿيندڙ رقم کي بچائي سگهبو، تقريب کي خطاب ڪندي صدر ڊاڪٽر عارف عل??ي چيو ته توانائي جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ لاءِ م??بادل توانائي حاصل ڪرڻ وقت جي اهم ضرورت آهي، صدر ڊاڪٽر عارف عل??ي چيو ته احساس پروگرام تحت هڪ ڪروڙ 59 لک خاندانن جي مدد ڪئي وئي جنهن مان کين ڪورونا جي وقت مشڪل حالتن ۾ بيروزگاري جي باعث ذهني سڪون ميسر آيو.