اسلام آباد – 10 نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز ??زا?? قائد جي معاملي تي هٿياربند فوج ۾ خود احتسابي عمل کي ساراهيندي چيو آهي ته حڪومت ان فيصلي جو قدر ڪري ٿي، جيڪڏهن سنڌ پوليس وقت سر ايف آءِ آر داخل ڪر?? ها ته معاملو ايترو ڏکيو نه ٿئ?? ها، هاڻي سنڌ حڪومت جي ذميواري آهي ته اها ٻڌائي ته ان دوران جن پوليس آفيسرن بغاوت ڪئي انهن جي خلاف ڪهڙي ڪارروائي ٿي آهي، سنڌ ۾ به قانون جي بالادستي نظر اچڻ گهرجي. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز وفاقي ڪاب??نا جي اجلاس کانپوءِ صحافين کي بريفنگ دوران پاڪ فوج جي ڪورٽ آف انڪوائري جي رپورٽ بابت هڪ سوال جي جواب ۾ چيو ته هٿياربند فوج هڪ منظم ادارو آهي، ??زا?? قائد جي معاملي تي پاڪ فوج جي اندر خود احتسابي عمل حرڪت ۾ آيو آهي جنهن کانپوءِ ٻن آفيسرن کي عهدن تان هٽايو ويو آهي.